شيوا منڊلي لائبريري

شيوا منڊلي لائبريري: هن لائبرريءَ جو بنياد لاڙڪاڻي شهر جي هندن، 1893ع ۾ وڌو. هن اداري طرفان شهر ۾ مختلف هنڌن تي ننڍيون ننڍيون لائبريريون قائم ٿيون، جيڪي ماڻهن کي پڙهڻ لاءِ ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا مفت فراهم ڪنديون هيون. ‘گزيٽيئر آف پراونس آف سنڌ’ (1927ع) ۾ ڄاڻايل آهي ته شيوا منڊلي لائبريريءَ ۾ هندي، اردو، انگريزي ۽ سنڌي ڪتابن جو چڱو تعداد موجود هوندو هو. لائبريريون شهر جي ڪيترن ئي مختلف مکيه چونڪن تي قائم ڪيون ويون. لائبريرين کي ننڍا ننڍا باغيچا به هئا، جيڪي تفريح جو سبب هوندا هئا. هيءَ لائبريري پاڪستان وجود ۾ اچڻ تائين عروج تي رهي بعد ۾ ختم ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو